If I Must Die...

جيڪر مونکي مرڻو ئي آهي

Translated to Sindhi by

جيڪر مونکي مرڻو ئي آهي

توکي جيئڻو آهي

منھنجي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ

منھنجون شيون وڪڻڻ لاءِ

هڪڙي ڳڀي جو ٽڪڙو خريد ڪرڻ لاءِ

۽ ڪجھ اڳڙيون

(انھن مان هڪ اڇو ۽ ڊگھو پُڇ ٺاهڻ لاءِ)

ته جيئن غزه جو ڪو ٻارَ

پنھنجون اکيون اُڀ ڏي اُلاريندي جنت ڳوليندي

پنھنجي پيءُ جي واٽ نھاري

جيڪو هِن کي اوچتو ڇڏي ويو

۽ ڪنھن سان به ڪون موڪلايس

نه پنھنجي ماس سان

نه پنھنجي پاڻ سان

اڀ ۾ آُڏرندڙ لغڙ ڏسي ٿو

منھنجو لغڙ تو ٺاهيو

۽ هڪ مھل لاءِ سوچي ٿو ته

هڪڙو فرشتو هُتي آهي

جيڪو پيار کڻيو اچىي

جيڪر مونکي مرڻو ئي آهي

ته شل منھنجي موت

آسرو آڻي

تہ شل منھنجي موت

داستان ٿِئي


Select poem translation

A poem by Refaat Alareer.